SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ماورائي حقيقت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ماورائي حقيقت

(Surrealism)

سريئت/سريئلزم جي لغوي معنيٰ آهي ”حقيقت کان ماورا“ يا پري. ماورائي حقيقت، داخليت پسنديءَ جي تحريڪ آهي، جنهن ۾ ”دادازم“ ۽ ڪيوبزم وغيره به اچي وڃن ٿا. هر جديد ادب سرجيندڙ ۽ پڙهندڙ سمجهي ٿو ته انساني لاشعور کي انتهائي حقيقي سمجهي ڪردارن جو جهان تخليق ڪرڻ سرئيلزم آهي. هن لاڙن ۾ سرت، ساڃاهه بجاءِ بي ترتيب خيالن ۽ جذبن جو هجوم هوندو آهي، هن لاڙي ۾ ادبي طور بي مقصديت وڌيڪ هوندي آهي، جنهن کي حقيقت کان مٿانهون يا ماورائي حقيقت چيو ويندو آهي.هي رجحان دادائيت جي ضد ۾ پيدا ٿيو. هن جو باني ”آندري پريٽون“ هو . هن تحريڪ جي مڃڻ وارن جو چوڻ هو ته عالم محسوسات کان سواءِ هڪ ٻيو عالم به پنهنجو وجود رکي ٿو. جيڪو هن ظاهري ۽ حسي عالم کان بلڪل مختلف آهي. ان عالم تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ اتان جو عقل ۽ منطق کان ڪناره ڪش ٿي وڃڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري هن ۾خارجي حقيقت ڪا معنيٰ نٿي رکي. ان جي بدران لاشعور جي داخلي حقيقت سڀ تي مقدم آهي. هن قسم جي نقاد جو چوڻ آهي ته فنڪار حقيقت سڀ تي مقدم آهي. فنڪار حقيقتن کي خارجي شين ۾ نه ڳولي، پر ان لاءِ لاشعور جي مدد سان خود پنهنجي وجود جي گهرائين ۾ هليو وڃي.هن رجحان جو سڀ کان وڏو نمائندو ”ڪافڪا“ آهي. سنڌي زبان ۾ ماڻڪ، مشتاق شورو، مدد علي سنڌي، خيرالنساء جعفري، منور سراج، اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين ۾ سريئلزم جو ڪجهه اثر نظر اچي ٿو.


Remember Me Also:

اعجز

صفت. [ع. ”عاجِزُ“ جو تفضيل] وڌيڪ عاجز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal